جوکيو منظور

جوکيو منظور

جوکيو منظور

جوکيو، منظور: نوجوان ڪهاڻيڪار منظور جوکيو، 1 مارچ 1969ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن 1991ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم. اي. ڪئي ۽ 2006ع ۾ ايم. بي. اي پاس ڪيائين. ان کانسواءِ هن هيٺيان امتحان به پاس ڪيا آهن:
(1) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو سي. ايس. ايس جو امتحان، (2) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو پي. سي. ايس جو امتحان، (3) منسٽري آف ڊفينس جو چٽا ڀيٽيءَ وارو امتحان، (4) پاڪستان بئنڪنگ اينڊ فنانس سروس ڪميشن جو امتحان.
منظور جوکيو صحافت جو تجربو به رکي ٿو. هو مختلف سنڌي اخبارن ۾ سب ايڊيٽر رهڻ سان گڏ انگريزي اخبار ’فرنٽيئر پوسٽ‘ جو رپورٽر ۽ ڪالم نگار به رهيو آهي.
منظور جوکيو ملازمت جي حوالي سان نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ گريڊ II جو آفيسر، آءِ. ايس. آءِ (Inter Service Intelligence) ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انٽيليجنس، سنڌ حڪومت ۾ ايس. ڊي. ايم/ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هن وقت ڊپٽي ڪمشنر انڪم ٽيڪس حيدرآباد آهي.
منظور جوکيو بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا: (1) خيال، خوشبوءِ ۽ ستارا (2004ع) ۽ (2) آئيندو (2006ع) ڇپيل آهن. منظور جوکئي کي سندس ڪتاب ’خيال، خوشبوءِ ۽ ستارا‘ تي ادبيات پاڪستان طرفان 2004ع ۾ شاهه عبداللطيف اوارڊ به ملي چڪو آهي. ان کانسواءِ کيس ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪرڻ تي گولڊ ميڊل ۽ آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽيءَ (APNS) طرفان سال 2002ع-2001ع ۾ بهترين ڪالم نگار اوارڊ به ملي چڪا آهن. منظور جوکيي جا ٻين موضوعن تي هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) من الظلمات الي النور (سنڌي ترجمو: 1989ع)، (2) سنڌي (سي. ايس. ايس ۽ پي. ايس. سي جي امتحانن لاءِ)، (3) سنڌ ۾ لساني فسادات اور صحافت (1992ع)، (4) Mass Communication/ Journalism (For CSS & PCS Exams: 2004)، (5) An Introduction to International Relations (For CSS & PCS Exmas)، (6) Selected Readings on Pakistan Affairs (For CSS & PCS Exams)، (7) Selected Readings on Islamiat: 2004، (8) Everyday Science (For CSS & PCS Exams).
هن جو هڪ ڊراما سيريل ’ڏهاڳڻ‘ ڪي. ٽي. اين تي هلي چڪو آهي. هن وقت عبدالله بنگلوز، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ رهي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.03.01  عيسوي

نوجوان ڪهاڻيڪار منظور جوکيو ، 1 مارچ 1969ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ محمد موسيٰ ڀٽو
حاجب رام
ظفر الله خان
سيد علي سرمست
جلم بن شيبان
بروهي
عباسي نبي بخش
پير شاهه ڪوثر
سراج ڪمانگر
راڻو رتن سنگهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون